سلمان طاهرعلامه

سلمان طاهر، علامه: معروف اسڪالر، دانشور سلمان طاهر 16 جولاءِ 1938ع تي ڳوٺ ستابو انڍڙ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. ديني ۽ عربي تعليم ٺيڙهي، سرگوڌا، راولپندي ۽ بٺوري ٽائون ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. 1967ع کان 1977ع تائين جماعت اسلاميءَ جو امير پڻ رهيو. محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي ۽ آبادگار بورڊ ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1978ع ۾ سنڌي هجري ڪائونسل جو ڪنوينر ٿي رهيو، مختلف وقتن تي آبادگار، نئين سوچ، المسلم، الفجر، نئين قيادت، ماهوار الرحيم، ماهوار الولي، ماهوار الهدى ۽ ماهوار الحماد جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. ان سان گڏ هيءُ شاهه ولي الله اڪيڊميءَ جو ڊائريڪٽر به ٿي رهيو، ان حوالي سان بين الاقوامي اسلامڪ سيمينار لنڊن ۾ به شرڪت ڪيائين. ڇهه ڀيرا پاڪستاني وفد جي چيئرمئن جي حيثيت سان عالمي اسلامي سيمينار ۾ شريڪ ٿيو. 1998ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد عالمي سيمينار ۾ به شرڪت ڪيائين ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ليڪچر پڻ ڏنائين. هن علامه حضرت حماد الله جي خطبات ۽ ملفوظات کي پنجن جلدن ۾ قلمبند ڪيو، سندس لکيل ڪتابن ۾ ’ختم نبوت‘، ’نور الابصار‘، ’انقلاب جو نظريو ۽ جدوجهد‘، ’انقلابي شعور‘، ’محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي مجلس ۾ اسلامي رياست جو تصور‘، ’شخصيات ۽ تعليمات‘ ۽ ’اليڪشن جو ڊرامو‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.07.16  عيسوي

معروف اسڪالر، دانشور سلمان طاهر 16 جولاءِ 1938ع تي ڳوٺ ستابو انڍڙ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آمنه بيبي
چانڊيو عبدالحميد
بزرگ بن شهريار
حسن بن صباح
تاج الدين بن زڪريا شيخ
ساران صديقي ڊاڪٽر
جابر بن افلح
ڄام سڪندر (اول)
سوهارتو Suharto
پير محمد پانڌياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون